حڪومت خانگي تعليمي ادارن جي فيسن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تعليم واري وزارت پرائيويٽ ادارن جي اپريل ۽ مئي جي فيسن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪورونا جي ٽين لهر ۽ عوام جي پريشاني کي نظر ۾ رکندي تعليم واري وزارت جو هڪ وڏو فيصلو آڏو اچي ويو آهي، تعليم واري وزارت پرائيويٽ تعليمي ادارن جي فيسن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب اپريل ۽ مئي جي فيسن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي، پر فيسن ۾ گهٽتائي 8 هزار کان وڌيڪ فيسن وارن تي لاڳو ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.