”حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) واپاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود اعتراف ڪندي ٻڌايو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

انڊيپينڊنٽ اردو کي ڏنل انٽرويو ڏيندي واپار بابت وزير اعظم عمران خان جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود جو چوڻ هو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ملڪ ۾ اڃا تائين ضرورت جي شين جي اگهن کي ضابطي ۾ ناهي آندو ويو ۽ عام ماڻهوءَ کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو پوي.

واپاري واري صلاحڪار اعتراف ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف اڍائي سالن ۾ ڪيترائي ڪم ڪيا پر ملڪ ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهي ۽ عوام کي آگاهي ڏيڻ ۾ به ناڪام کي منهن ڏيڻو پيو، عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ پهرين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان حڪومت طرفان هر ممڪن ڪوششون جاري آهن اميد آهي ته جلد ئي ڪاميابي به حاصل ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.