ڪورونا: 25 اپريل کانپوءِ گهٽ فوتگيون رڪارڊ، 5 هزار 842 صحتياب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 79 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جڏهن ته 4213 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 9.16 سيڪڙو رهي، 4213 نون ڪيسن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 8 لک 34 هزار 146 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ڏينهن دوران وائرس سبب وڌيڪ 79 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جيڪو 25 اپريل کانپوءِ فوتگين جي لحاظ سان سڀ کان گهٽ انگ آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ فوتين جو ڪُل انگ 18 هزار 149 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار 842 مريض ڪورونا وائرس مان صحتياب پڻ ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 7 لک 28044 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 87 هزار 953 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.