” ڇا به ڪيون اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار تائين چونڊون تڪراري رهنديون“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شفاف چونڊن لاءِ سڌارا تمام ضروري آهن پر جيڪڏهن چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار فعال آهي ته پوءِ ڀلي اسان ڪيتري به قانون سازي ڪيون، چونڊون تڪراري رهنديون.

بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊ سڌارا وقت جي ضرورت آهي، اليڪشن ۾ ڌانڌلي ختم ڪرڻ لاءِ قانون سازي جي به ضرورت آهي، جيڪي به سڌارا آڻڻا آهن انهن لاءِ تيار آهيون، اليڪشن ڪميشن چونڊ سڌارن تي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

هن چيو ن ليگ هڪ سيٽ هارائي آهي ته چاهي ٿي فوج مداخلت ڪري، ن ليگ جو غير ذميواراڻو مطالبو آهي ته پولنگ باڪس فوج حوالي ڪيا وڃن، ان سان چونڊون ۽ فوج به تڪراري ٿيندي آهي پر جيڪڏهن ن ليگ وٽ ڪي ٺوس ثبوت آهن ته اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري.

سندس چوڻ هو ته 2018 جي چونڊن ۾ هر پولنگ اسٽيشن تي فوج مقرر هئي، جيڪا تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ هئي، اسٽيبلشمينٽ کي چونڊ عمل کان پري رکڻ سان فائدو ٿيندو، اين اي 249 جي چونڊ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو ڪردار نه هو.

پ پ چيئرمين چيو ته اي او بي آءِ جو ورڪرز فنڊ بنا دير سنڌ کي ڏنو وڃي ته جيئن سنڌ وري ويلفيئر ڪم ڪري سگهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت عورتن لاءِ انقلابي قدم جي شروعات ٿي هئي، مزدورن کي صحت ۽ تعليم جي سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون، بينظير مزدور ڪارڊ ذريعي هيلٿ ڪوريج ڏني پئي وڃي، اهو ڪارڊ سنڌ ۾ رهندڙ هر مزدور لاءِ فائديمند آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.