سيد مراد علي شاهه جي ڪورونا ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس کي ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون.

سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، ڪور فائيو، رينجرز ۽ ڊبليو ايڇ او جي نمائندن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اپريل ۾ ڪورونا سان 154 فوتگيون ٿيون ۽ صوبي ۾ ڪورونا جا 5.4 سيڪڙو ڪيس آهن، سنڌ ۾ صحتيابي جي شرح 93 سيڪڙو ۽ فوتگين جي شرح 1.6 سيڪڙو آهي، گذريل 7 ڏينهن دوران ڪراچي ۾ 10.42 سيڪڙو، حيدرآباد ۾ 14.52 سيڪڙو، سکر ۾ 5.48 سيڪڙو ڪيس ظاهر ٿيا.

ان موقعي تي وڏي وزير پوليس ۽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، وزير شهر جو دورو ڪن، ان سان ايس او پيز تي عمل ۾ مدد ملندي.

سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۽ ڪراچي اوڀر ۾ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.