گلستان جوهر واسين جو قبضا خورن خلاف احتجاج

 

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) گلستان جوهر ٿاڻي جي حد گلستان جوهر بلاڪ 3 جي رهواسي ليز گهر تي جبري قبضي ۽ حملي جي ايف آئي آر جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف گهرڀاتين سميت احتجاج ڪيو.

گهر ڌڻي سيد ثابت علي شاهه، سيد امداد علي شاهه، سيد صداقت علي شاهه، سيد عرفان علي شاهه ۽ ٻين سان گڏجي احتجاج ڪندي دانهيو ته بلاڪ 3 ۾ منهنجو خريد ڪيل ڪي ڊي اي جو ليز ٿيل آهي، جنهن تي اظهر اقبال نالي بااثر جبري قبضو ڪري بي گهر ڪرڻ چاهي ٿو، هو جعلسازي ۽ قبضن جي ڪيسن ۾ ڪيترائي ڀيرا گرفتار به ٿي چڪو آهي.

سيد ثابت علي شاهه الزام هڻندي چيو ته اظهر اقبال پاڻ کي مختلف پارٽين ۽ ادارن جو ڄاڻائي بليڪ ميل ڪندو آهي، هن تازو اسان جي گهر تي حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو، جنهن جي ايف آئي آر گلستان جوهر ٿاڻي تي پنجن جوابدارن اظهر اقبال، مظهر اقبال، جاويد اقبال، اويس ۽ عديل گارڊ تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس انهن خلاف ڪو قدم نه پئي کڻي.

هنن چيو ته جوابدار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، اسان اعليٰ اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف جي گهر ڪيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.