”پي ڊي ايم اسان ٺاهي، انهن کي شوڪاز تان هٿ کڻي معافي گهرڻي پوندي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻن چيو آهي ته پي ڊي ايم ٺاهڻ وارا اسان آهيون، اهي ڪير ٿيندا آهن اسان کان معافي جو مطالبو ڪرڻ وارا؟ انهن کي پنهنجو شوڪاز واپس وٺي معافي گهرڻي پوندي.

اسلام آباد ۾ فرحت الله بابر ۽ نيئر بخاري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ اڄ به حڪمرانن مان ڇوٽڪارو چاهي ٿي، ن ليگ ۽ فضل الرحمان تحريڪ انصاف حڪومت کي 5 سال ڏيڻ چاهين ٿا، پي ڊي ايم ۾ بحران جو سبب ن ليگ آهي، جيڪا جماعت اسان سان احتجاج ۾ اچڻ لاءِ تيار آهي ته اچي.

پي ڊي ايم سربراهه طرفان پ پ کان پنهنجي رويي تي معافي کانپوءِ اتحاد ۾ واپسيءَ جي سوال تي جواب ۾ فرحت الله بابر چيو ته پي ڊي ايم ٺاهڻ وارا اسان آهيون، اڳ ۾ انهن کي شوڪاز تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ معافي گهرڻي پوندي، پوءِ پي ڊي ايم ۾ گڏجي اڳتي هلڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي.

هنن چيو ته اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حق ۾ ناهيون، موجوده حڪومت چونڊ سڌارن تي ڳالهائڻ جي اهل ناهي، پي ٽي آءِ حڪومت نه اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ سنجيده آهي ۽ نه ئي ڳالهائڻ جي اهليت رکي ٿي، عمران خان پارليامينٽ جو جيئن استعمال ڪيو اهو سڀني جي سامهون آهي.

سندن چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن طرفان اين اي 249 ۾ ٻيهر ڳڻپ سميت آئين ۽ قانون جي اندر رهندي هر فيصلي کي تسليم ڪيون ٿا، پ پ جو وجود عوام جي اندر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.