حرا ماني پنهنجي گهر ٻاهران ڦرجي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڊرامن جي مشهور اداڪارا حرا ماني پنهنجي گهر ٻاهران ڦرجي وئي.

انسٽاگرام اسٽوري تي اداڪارا ڦر جي ويڊيو مداحن سان شيئر ڪئي آهي، ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته حرا ماني جي گاڏي سندس گهر ٻاهران اچي بيهي ٿي، جنهن کانپوءِ اداڪارا جو وڏو پٽ گاڏي مان نڪري گهر جي گهنٽي وڄائي ٿو.

ان دوران حرا جو ٻيو پٽ گاڏي مان نڪري ٿو ته اتي ئي موٽر سائيڪل تي سوار ٻه ڦورو گاڏي وٽ بيهي هٿيارن جي زور تي موبائل فون ڦري فرار ٿي وڃن ٿا.

واردات کانپوءِ حرا ماني کي به گاڏي مان لهندي ڏسي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.