حسن علي، وسيم اڪرم سميت ڪيترن ئي بالرن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

 

هراري (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي 12 ٽيسٽ ميچن ۾ 50 وڪيٽون مڪمل ڪري وسيم اڪرم سميت ڪيترن ئي بالرن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.

زمبابوي خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ دوران شاهين آفريدي پنهنجي ڪيريئر جي 16هين ٽيسٽ ميچ ۾ 50 وڪيٽون مڪمل ڪري اڳوڻي فاسٽ بالر وسيم اڪرم جو رڪارڊ برابر ڪيو هو پر هاڻ حسن علي ٻنهي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

حسن علي زمبابوي خلاف هراري ٽيسٽ ۾ بهترين بالنگ ڪرائيندي 9 وڪيٽون ورتيون ۽ کيس بهترين ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ جي اعزاز سان به نوازيو ويو.

واضح رهي ته پاڪستان طرفان سڀ کان گهٽ 9 ميچن ۾ 50 وڪيٽون مڪمل ڪرڻ جو اعزاز ليگ اسپر ياسر شاهه کي حاصل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.