سام سنگ گليڪسي ايم سيريز جو پهريون 5 جي فون پيش

سام سنگ گليڪسي ايم سيريز جو پهريون 5جي فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

گليڪسي ايم 42 فائيو جي بنيادي طور تي گليڪسي اي 42 فائيو جي جو ري برانڊڊ ويزن آهي.

گليڪسي ايم 42 ۾ 6.6 انچن جو سپر اموليڊ ڊسپلي ايڇ ڊي پلس ريزولوشن ۽ واٽر ڊراپ نوچ سان گڏ ڏنو ويو آهي.

فون ۾ 750 جي پراسيسر موجود آهي.

اهڙي طرح 6 کان 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي.

ايم سيريز جي فونز جي خاص ڳالهه هن جي طاقتور بيٽري هوندي آهي ان 5 جي فون ۾ به 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 15 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون جي بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.

فون جي مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 5 ميگا پڪسل ميڪرو شاٽس ۽ 5 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڊيٽا ڪيمرا موجود آهي.

فون جي فرنٽ تي 20 ميگا پڪسل ڪيمرا واٽر ڊراپ نوچ ۾ لڪيل آهي.

هن فون کي سڀ کان اڳ ڀارت ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي جنهن جو 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 295 ڊالرز (45 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ موجود هوندو.

اهڙي طرح 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ويزن 322 ڊالر (49 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.