ڀارت جو ناليوارو اداڪار ڪورونا وائرس سبب فوت

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي خطرناڪ لهر هڪ ٻئي اداڪار کان حياتي کسي ورتي.

ڀارتي ميڊيا موجب انيل ڪپور جي ”سيريز 24“ ۽ ويب سيريز ”اسپيشل او پي ايس“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ ناليوارو اداڪار ۽ رٽائرڊ ميجر بڪرم جيت ڪنور پال ڪورونا سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو.

بالي ووڊ هدايتڪار وڪرم ڀٽ سوشل ميڊيا تي بڪرم جيت جي تصوير سان گڏ سندس لاڏاڻي جي خبر ڏني ۽ ٻڌايو ته ميجر بڪرم جيت هن دنيا ۾ ناهي رهيو.

واضح رهي ته وڪرم ڀٽ، بڪرم جيت سان ”ڪيري ايچر ٿري ڊي“ ۽ ”هارر اسٽوري“ سميت ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو، جڏهن ته فوتي اداڪار سلمان خان جي پريم رتن ڌن پايو، باءِ پاس روڊ ۽ شارٽ ڪٽ روميو جهڙين فلمن ۾ به فن جو مظاهر ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.