اين اي 249 ۾ جيڪي چوٿين نمبر تي به نه هئا اُهي کٽي ڪيئن ويا؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو نظر پيو اچي، اين اي 249 ۾ جيڪي چوٿين نمبر تي به نه هئا اُهي کٽي ڪيئن ويا؟ اهڙي اليڪشن سليڪٽڊ کٽيندا آهن، اليڪٽڊ نه.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته اين اي 249 ۾ 100 کان وڌيڪ فارم 45 اهڙا آهن جن تي صحيح ناهي، 34 پولنگ اسٽيشنز جي فارم 45 جو واٽس ايپ رزلٽ ريٽرننگ آفيسرن وٽ ناهي جڏهن ته 30 فارم 45 ن ليگ کي نه مليا.

شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته ڪيترائي اهڙا فارم آهن جن تي ٽوٽل ئي ناهي ڪيو ويو، ايتري بي ضابطگين کان پوءِ ٻيهر ڳڻپ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، جيڪي چوٿين نمبر تي به نه هئا اُهي کٽي ڪيئن ويا؟

هن چيو ته اسان کي دال ۾ ڪجهه ڪارو نظر پيو اچي، اسان کي خبر آهي ته پيپلز پارٽي جا عزم ڪهڙا آهن، اسان کي فخر آهي اسان سليڪٽڊ جو لفظ ملڪ کي ڏنو، اسان نظام جي تبديلي چاهيون ٿا، هن اليڪشن ۾ صوبائي حڪومت سڌي سنئين ملوث رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.