سنڌ حڪومت بينظير مزدور ڪارڊ لانچ ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مزدورن جي لاءِ بينظير مزدور ڪارڊ لانچ ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ بينظير مزدور ورهائڻ واري تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شرڪت ڪئي ۽ خطاب ۾ چيو ته اڄ آئون فخر محسوس ڪري رهيو آهيان ته اسان ليبر ڊي ڪارڊ جاري ڪرڻ تي ملهائي رهيا آهيون، پ پ ۽ مزدورن جو تعلق تاريخي آهي، جنرل ضيا ورڪرز جا کسيا پر بينظير ڀٽو سمورا کسيل حق واپس ورڪرن کي ڏياريا.

هن چيو ته اسان ورڪرن کي ادارن ۾ شيئر ڏنا جنهن جو مثال ٿر ڪول فيلڊ آهي، پ پ زراعت، انڊسٽريل سيڪٽر کي حڪومت جي سپورٽ سان ترقي ڏياري.

بلاول ڀٽو چيو ته هو مطالبو ڪري ٿو ته اي او بي آءِ به صوبن کي ڏنو وڃي جيئن هو مزدورن کي سندن حق ڏئي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.