ڀارت: اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب 18 ڪورونا مريض فوت

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي هڪ اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب ڪورونا سان متاثر 18 مريض سڙي فوت ٿي ويا.

باهه جو اهو واقعو ڀارتي گجرات رياست جي هڪ اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ ڇنڇر ڏينهن علي الصبح پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ اهي فوتگيون ٿيون.

واضح رهي ته ڀارت هن وقت ڪورونا سبب خوفناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اڄ ڇنڇر ڏينهن ملڪ ۾ 4 لک کان وڌيڪ رڪارڊ نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب 3 هزار 500 کان وڌيڪ مريض فوت پڻ ٿي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.