ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، ايڪسپور سينٽر ۾ قائم آئسوليشن سينٽر ٻيهر کولڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي ٽين لهر ۾ شدت سبب ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ قائم فيلڊ آئسوليشن سينٽر کي ٻيهر کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڪورونا وائرس جي ٽين لهر ۾ شدت جي ڪري ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن تي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڪراچي ۾ عارضي طور  تي بند ڪيل آئسوليشن سينٽر ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ 26 اپريل 2021ع تي سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي ٽاسڪ فورس جي ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا سبب متاثر مريضن لاءِ قائم آءِ سي يو ۽ ايڇ ڊي يو تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر کي ٻيهر کوليو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.