ڪراچي ۾ ڪورونا جي سڀ کان خطرناڪ برازيلي ۽ ڏکڻ آفريقي قسم جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورنا جو خطرناڪ برازيلي ۽ ڏکڻ آفريقي قسم سامهون اچي ويو.

سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو انڪشاف ڪيو ته برازيلي ۽ ڏکڻ آفريقي قسمن تي ويڪسين جو اثر به ڪجهه خاص نٿو ٿئي، ان ڪري فوتگين جي شرح وڌيڪ آهي.

يعني ويڪسينيشن جي باوجود جيڪڏهن وائرس جو برازيلي ۽ ڏکڻ آفريقي قسم توهان کي متاثر ڪري ٿو ته توهان وڌيڪ بيمار ٿي سگهو ٿا.

عذرا پيچوهو چيو ته وائرس جو برطانوي قسم به نمونن ۾ مليو آهي، هي ڏاڍي تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. ان جي پکڙجڻ جي شرح 60 سيڪڙو ۽ فوتگين جي شرح لڳ ڀڳ 68 سيڪڙو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.