ڪورونا: ڀارت ۾ نئون ريڪارڊ، 3 لک 86 هزار کان وڌيڪ ڪيس آڏو آيا

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جا مسلسل ريڪارڊ ڪيس آڏو پيا اچن ۽ اٺين ڏينهن به 3 لک کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب گذريل 24 ڪلاڪن دورنا ڪورونا وائرس جا هڪ ڀيرو ٻيهر ريڪارڊ 3 لک 86 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 3 هزار فوتگيون به آڏو آيون آهن.

ڀارتي صحت واري وزارت موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪل ڪيسن جو انگ هڪ ڪروڙ 87 لک 62 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي ۽ فوتگيون 2 لک 8 هزار کان ٽپي چڪيون آهن.

ڀارت ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 31 لک 70 هزار کان وڌيڪ آهي ۽ هن وقت تائين ڪورونا سبب گڏيل طور تي 1 ڪروڙ 53 لک 84 هزار کان وڌيڪ مريض صحتياب به ٿيا آهن.

ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ انتهائي تيزي سان وڌي رهيو آهي جنهن ۾ ڀارت صحت واري وزارت جي ڊيٽا موجب ڀارت ۾ 7 آگسٽ تي ڪورونا ڪيسن جو انگ 20 لک تائين پهتو هو جيڪو 23 آگسٽ تي 30 ل ۽ 5 سيپٽمبر تي 40 لک ٿي ويو.

ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 3498 فوتگيون مان 771 مهاراشٽرا، 295 دهلي، 270 ڪرناٽڪا، 251 ڇتيس ڳڙهه، 180 گجرات، 158 راجسٿان، 145 جهاڙکنڊ، 137 پنجاب ۽ 107 رياست تامل ناڊو مان رپورٽ ٿيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.