آمريڪي اخبار مودي کي ڀارت ۾ ڪورونا بحران جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي کي ڪورونا بحران جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو.

واشنگٽن پوسٽ لکيو آهي ته مودي سرڪار ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن جي باوجود سياس اجتماعن جي اجازت ڏئي پنهنجي عوام جي صحت کي سياسي مقصد جي ور چاڙهيو.

ڪورونا وبا ۾ مودي وٽ پنهنجي ساک بچايو يا ملڪ بچايو جا آپشن جنهن مان هن ساک بچايو کي چونڊيو.

ان عنوان سان واشنگٽن پوسٽ جي مضمون ۾ لکيل هو ته هندو ووٽ بينڪ يقيني بڻائڻ لاءِ مودي وڏيون وڏيون ريليون ڪڍيون ۽ اجتماع ڪيا، ڪمڀ ميلي جي اجازت ڏني جنهن ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.