پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي به اين اي 249 جا نتيجا رد ڪري ڇڏيا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي به اين اي 249 جا نتيجا رد ڪري ڇڏيا آهن.

وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ علي زيدي نتيجن تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪرپٽ پيپلزپارٽي ۽ صوبائي اليڪشن ڪميشن جو ڪرپشن ۾ ڳجهو ساٿ آهي.

هن چيو ته اين اي 249 ۾ پيپلز پرٽي مقابلي ۾ ئي نه هئي، پي ٽي آءِ 17 هزار پرچيون ڪٽيون،  ووٽ ڇو ناهن آيا؟ هر اميدوار پريشان آهي ۽ مطمئن به ناهي.

وزير اعظم جي خاص مددگار شهباز گل چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪمال ڪري ڇڏيو، هر پارٽي ڌانڌلي جو هنگامو پئي ڪري.

ايم ڪيو ايم جو رد عمل:

ايم ڪيو ايم پاڪستان جا اڳواڻ به اين اي 249 جي نتيجن تي غير مطمئن نظر آيا ۽ عامر خان چيو ته ائين پيو محسوس ٿئي ته هي 2018ع جي چونڊ جو تسلسل آهي.

فيصل سبزواري جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته هو پنهنجي عملي جي شفافيت کي چيڪ ڪري، ننڍي چونڊ جي حوالي سان ڪيترائي سنگين سوال پيدا ٿيا آهن.

پي ايس پي:

هوڏانهن پاڪ سر زمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪامل چيو آهي ته ڊي آر او آفيس ۾ ڊرامو ڪيو ويو ۽ پاڪ سر زمين پارٽي نتيجا قبول نه ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.