اسٽيل ملز ڪرپشن ريفرنس جو فيصلو 9 سالن کان پوءِ ٻڌايو ويو، سمورا جوابدار آزاد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت اسٽيل ملز ڪرپشن بابت ريفرنس جو فيصلو 9 سالن کان پوءِ ٻڌائي ڇڏيو.

ڪراچي جي احتساب عدالت اسٽيل ملز ڪرپشن ريفرنس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏيندي کين باعزت بري ڪري ڇڏيو.

باعزت بري ٿيندڙ جوابدارن ۾ ثمين اصغر، اصغر جميل رضوي، چوڌري شفيق عباس، طارق ارشاد ۽ ٻيا شامل آهن.

خيال رهي ته نيب جوابدارن جي خلاف 2012ع ۾ ڪرپشن جو ريفرنس بڻايو هو.

نيب موجب جوابدارن ٺيڪن جي مد ۾ ڪرپشن ڪئي هئي، جوابدارن جي ڪرپشن سبب اسٽيل ملز کي 13 ملين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.