تندوري فرائيڊ چڪن فنگرز

رمضان ۾ هر عورت جي خواهش هوندي آهي ته افطار ۾ گهر وارن کي ڪا ۽ نئين ۽ مزيدار ڊش کارائجي.

تو اچو ته اڄ اسان توهان کي افطار جي رونق وڌائيندڙ تندوري فرائيڊ چڪن فنگرز جي ريسپي ٿا ٻڌايون.

شيون:

چڪن بريسٽ (فنگرز): 2 عدد

تندوري مصالحو: 3 کائڻ جا چمچا

ليمي جي رس: 2 کائڻ جا چمچا

ڪچري پائوڊر: هڪ چانهه جو چمچو

ادرڪ ۽ ٿوم جي پيسٽ: هڪ چانهه جو چمچو

پاڻي نڪتل ڏهي: 2 کائڻ جا چمچا

آنا: 2 عدد

بريڊ ڪرمبز: هڪ کان ٻه ڪوپ

ميدو: هڪ کائڻ جو چمچو

سمبال اوليڪ: هڪ کائڻ جو چمچو

چلي گارلڪ سوس: هڪ کائڻ جو چمچو

سوئيٽ چلي سوس: هڪ کائڻ جو چمچو

ترڪيب:

چڪن فنگز کي سمورين شين سان 2 ڪلاڪ گڏائي رکو، پوءِ هنن کي آنن ۾ ڊپ ڪري بريڊ ڪرمبز ۾ رول ڪيو.

آخر ۾ تيل ۾ فرائي ڪري املي جي چٽڻي سان گڏ سرو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.