بريٽ لي به ڀارت لاءِ وڏي رقم عطيو ڪري ڇڏي

 

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز کانپوءِ اڳوڻي اسپيڊ اسٽار بريٽ لي به ڀارت ۾ ڪورونا مريضن لاءِ آڪسيجن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ وڏي رقم عطيو ڪري ڇڏي.

بريٽ لي ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ پيٽ ڪمنز جي قدم کي ساراهيندي 41 لکن کان وڌيڪ جي رقم ڀارت ۾ آڪسيجن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

هن چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ ڀارت ۽ ڀارتي عوام سان دلي همدردي آهي، اهڙي صورتحال ۾ انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو.

اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر مداحن کي ڪورونا ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.