سنڌ پوليس ۾ شهيد ڪوٽا تي قانوني مسودو تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ۾ شهيد ڪوٽا تي قانون سازي جي لاءِ اهم ڳالهيون ۽ مسودو تيار ڪيو ويو آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ عمران يعقوب منهاج ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ، ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽر پير محمد شاهه، گهرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري سهيل قريشي، سنڌ پبلڪ سيفٽي پوليس ڪميشن جي سيڪريٽري سيف الله ابڙو ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري هوم غلام علي سومرو سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران بيرسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته سنڌ ڪابينا ۾ پوليس شهيد ڪوٽا تي قانون سازي جون سفارشون مرتب ڪيون هيون، اڄوڪي اجلاس ۾ شهيد ڪوٽا تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته پوليس ۽ هوم ڊپارٽمنٽ پنهنجون سفارشون مڪمل ڪري ورتيون آهن، ايندڙ اجلاس ۾ شهيد ڪوٽا تي سفارشن جي روشني ۾ قانون سازي مڪمل ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.