چين پنهنجي الڳ اسٽيشن لاءِ پهريون ماڊيول خلا ڏانهن موڪلي ڇڏيو

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين خلا ۾ پنهنجي هڪ الڳ اسٽيشن جي اڏاوت لاءِ شروعاتي قدم کڻندي پنهنجو پهريون ماڊيول خلا ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو.

ان مقصد لاءِ لانگ مارچ نالي سڀ کان وڏو چيني راڪيٽ ”تيان هي“ ماڊيول کي کڻي اڄ خميس ڏينهن خلائي سفر تي روانو ٿي ويو آهي.

چين جي خواهش آهي ته ان اسٽيشن جي اڏاوت ايندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ٿي وڃي.

جيڪو ماڊيول اڄ خلا ۾ موڪليو ويو آهي، ان ۾ مستقل چيني خلائي اسٽيشن جي عملي جا 3 ميمبر رهي سگهندا.

اهو مشن چين جي ڏاکڻي ٻيٽ هائينان تي قائم خلائي مرڪز کان پنهنجي سفر تي روانو ٿيو.

چيني حڪومت جي منصوبن موجب ان خلائي اسٽيشن کي موجوده آءِ ايس ايس جيان عالمي سطح تي گڏجي استعمال نه ڪري سگهبو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.