آمريڪا جي ڀارت لاءِ 100 ملين ڊالرن کان وڌيڪ جي امداد

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀارت کي سئو ملين ڊالرن کان وڌيڪ جي امداد ڏئي ڇڏي.

ڪورونا وبا سان دنيا جي ٻئي نمبر سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ ڀارت لاءِ آمريڪا تڪڙي ڪورونا ٽيسٽ، حفاظتي ماسڪ ۽ ٻئي سامان جي صورت ۾ 100 ملين ڊالرن کان وڌيڪ جي امداد رواني ڪري ڇڏي آهي.

ان امدادي سامان کي کڻي ويندڙ پهرين اڏام ذريعي تڪڙي نتيجا ڏيندڙ تقريبن هڪ ملين ڪورونا ٽيسٽنگ ڪٽس به موڪليون ويون آهن.

وائيٽ هائوس جي ذريعن موجب هڪ آمريڪي فوجي جهاز ذريعي موڪليل اها امداد اڄ خميس ڏينهن ڀارت پهچي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.