عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن اندر سون اگهن ۾ واڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ 300 رپيا ۽ 10 گرام جي قيمت ۾ 257 رپيا واڌ ٿي آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 11 ڊالر جي واڌ سان 1776 ڊالر جي سطح تي پهچڻ جي ڪري عالمي سونارا مارڪيٽن ۾ به خميس تي (اڄ) في تولي ۽ في 10 گرام سون جي اگهن ۾ ترتيبوار 300 رپيا ۽ 257 رپين جي واڌ ٿي وئي.

جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جو اگهه وڌي 103900 رپيا ۽ في 10 گرام جو اگهه وڌي 89078 رپيا ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.