ملير:بحريا ٽائون انتظاميا جون ڀرپاسي جا ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ قهري ڪارروائيون

ڪراچي جي بحريا ٽائون جي انتظاميا ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن لاءِ راڪاس بڻجي وئي،گذريل ٻن ڏينهن کان گڏاپ ۽ ڪاٺوڙ جي مختلف قديم ڳوٺن کي ميسارڻ لاءِ ڪاروائيون تيز ڪري ڇڏيون ،انتظاميا گارڊن ۽ پوليس جي مدد سان  نور محمد گبول ڳوٺ، عبدالله گبول ڳوٺ سميت 6 ڳوٺن جي سروي زمين ۽ فلاحي زمينن تي زبردستي قبضو ڪرڻ لاءِ چڙهايون شروع ڪري ڇڏيون، بحريا ٽائون جي ڪهري ڪاروائين خلاف احتجاج ڪندي سوين ڳوٺاڻا، عورتون ۽ مرد گهرن کان ٻاهر نڪري آيا جن پنهنجا اجها بچائڻ لاءِ سخت مزاحمت ڪئي ۽ ڳوٺاڻا بلڊوزرن اڳيان اچي ويا، جنهن تي پوليس ۽ بحريا ٽائون جي سيڪيورٽي گارڊن پاران ڳوٺاڻن تي هوائي فائرنگ پڻ ڪئي وئي ۽ ڳوٺاڻن تي سيڪيورٽي گارڊن ۽ پوليس پاران تشدد ڪرڻ سبب هڪ عورت ۽  5 اورنگزيب جوکيو، ذيشان جوکيو، باسط جوکيو، منور جوکيو ۽ سلطان جوکيو زخمي ٿي پيا ، متاثر ڳوٺن جي رهواسين حاجي اميد علي گبول، حاجي اميرالدين گبول، سلطان گبول، منور جوکيو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته بحريا ٽائون انتظاميا گڏاپ جي مختلف ڳوٺن ڏانهن اچڻ لاءِ ڳوٺاڻن جا لنگهه بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن ڪري ڳوٺاڻا سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڳوٺاڻن جي رستا روڪ سبب مختلف ڳوٺن جا ماڻهو گڏاپ ۽ ڪاٺوڙ تائين نٿا وڃي سگهن، هنن چيو ته ڳوٺاڻن کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته جيئن هو پنهنجون زمينون ۽ اجها بحريا ٽائون کي وڪرو ڪن ۽ پنهنجا قديم ڳوٺ خالي ڪري هتان لڏي هليا وڃن ،ڳوٺاڻن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان صدين کان هتي آباد آهيون جڏهن کان بحريا ٽائون ٺهيو آهي تڏهن کان اسان خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي، پيپلز پارٽي حڪومت ڳوٺاڻن جي ڪابه مدد نٿي ڪري، هنن سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته انهن کي بحريا ٽائون انتظاميا جي ظلمن کان بچائڻ لاءِ انهن جو ساٿ ڏنو وڃي، هوڏانهن اطلاع ملڻ تي انڊيجينيس رائٽس الائنس سنڌ جو اڳواڻ حفيظ بلوچ ڳوٺاڻن وٽ پهچي ويو، ڳوٺن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد هن صحافين کي ٻڌايو ته بحريا ٽائون جي ڳوٺاڻن سان فلسطينين جهڙوظلم ڪيو پيو وڃي، ٻئي پاسي انڊيجينيس رائٽس الائنس ڪميٽي جي اڳواڻ علي محمد مستوئي مذمت  ڪندي اعلان ڪيو ته جلد گڏجاڻي گهرائي احتجاج جو اعلان ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.