حليم عادل سنڌ پوليس خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ پوليس خلاف سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.

حليم عادل شيخ طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو ته سنڌ پوليس دهشتگردي جو ڪيس بڻائي توهين عدالت ڪئي.

درخواست ۾ آءِ جي سنڌ ۽ سي سي پي او ڪراچي سميت ايس ايس پي ملير، ايس ايس پي انويسٽي گيشن ملير کي ڌر بڻايو ويو آهي.

ڊي آءِ جي نعمان صادق، ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ جاچ آفيسر خلاف به ڪارروائي جي اپيل ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.