”تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪڻڪ اگهه صوبن ۾ هڪ جيترو ناهي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪڻڪ جو اگهه صوبن ۾ هڪ جيترو ناهي.

بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي حڪومت طرفان ڪڻڪ جو امدادي اگهه 1800 رپيا ڪرڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته 2750 رپين ۾ ڪڻڪ خريد ڪري هارين کي 1800 رپيا اگهه ڏيڻ مذاق آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاق ڪڻڪ جي 1800 رپيا امداد قيمت رکي سگهي ٿو، سنڌ ۾  اگهه 2 هزار پيا مڻ رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.