ڀارتي اداڪار جمي شيرگل گرفتار

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار جمي شيرگل کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

اداڪار جمي شيرگل کي پنجاب پوليس ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو آهي، هو پنجاب جي شهر لڌيانه جي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ پنهنجي نئين ويب سيريز جي شوٽنگ ۾ مصروف هو ته ان دوران ڪنهن پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو.

پوليس اتي پهچي جمي شيرگل سميت ويب سيريز جي نيشنل ايوارڊ يافته هدايتڪار کي به حراست ۾ وٺي ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ 35 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب جمي شيرگل ۽ ويب سيريز جي هدايتڪار ايشور نواس سميت 100 کان وڌيڪ ميمبر ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪري رهيا هئا ۽ نه ئي شوٽنگ دوران انهن ماسڪ پاتو هو، انهن وٽ اسڪول ۾ شوٽنگ جو اجازت نامو به موجود نه هو، جنهن تي انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.