محمد رضوان ٽاپ 10 ٽي ٽوئنٽي بيٽسمينن ۾ شامل

دبئي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان کي پنهنجي محنت جو نتيجو ملي ويو ۽ هن ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڪيريئر جي بهترين پوزيشن تي اچي ويو آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي تازي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ محمد رضوان کي ٽاپ 10 بيٽسمينن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ٽاپ بيٽسمينن جي فهرست ۾ ڊيوڊ ملان جو پهرين پوزيشن تي قبضو برقرار آهي، جڏهن ته ايرون فنچ ٻي، بابر اعظم ٽين، ڊيوڊ ڪونوي چوٿين، ويرات ڪوهلي پنجين، ريسي وين ڊر ڊوسين ڇهين، لوڪيش راهول ستين، گلين ميڪسويل اٺين، مارٽن گپٽل نائين ۽ سال جو ٽاپ اسڪورر محمد رضوان ڏهين پوزيشن تي آهي.

بالرن ۾ تنريز شمسي جو پهريون نمبر آهي، ٽاپ 10 بالرن ۾ ڪو پاڪستاني شامل ناهي، جڏهن ته آل رائونڊرن ۾ محمد نبي پهرين نمبر تي آهي ۽ ٽاپ 10 آل رائونڊرن ۾ به ڪو پاڪستاني شامل ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.