بابر اعظم ٽوئيٽر تي به ڇانئجي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم راندين جي ميدان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به ڇانئجي ويو.

آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي موجود بابر اعظم جي تصديق ٿيل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي فالوئرز جو انگ 2 ملين ٿي ويو آهي.

ان کان اڳ عماد وسيم ٽوئيٽر تي 20 لک فالوئر رکندڙ پاڪستاني رانديگر هو، جڏهن ته هاڻ بابر اعظم به اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.