سنڌ ڪابينا ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبي ۾ فوج طلب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبي ۾ فوج طلب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ٽائون آفيسرن جي گريڊ 11 مان 16 ۾ اپگريڊيشن سميت ٻين اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي.

سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، صلاحڪارن ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪورونا وائرس دوران سول انتظاميا جي مدد لاءِ پاڪ فوج جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته سنڌ فيڪٽڙيز ايڪٽ 2015 ۽ سنڌ شاپس اسٽيبلشمينٽ ايڪٽ 2015 ۾ ترميمن جي منظوري به ڏني وئي.

وڏي وزير جي ترجمان موجب سنڌ ڪابينا ٽائون آفيسرن جي 11هين کان 16هين گريڊ ۾ ترقي جي منظوري به ڏني، 184 ٽائون آفيسر 2010 ۾ گريڊ بي ايس 11 ۾ ڀرتي ڪيا ويا هئا، مراد علي شاهه بلديات کاتي کي انهن ملازمن کي سنڌ حڪومت جي پي رول تي آڻڻ جي هدايت ڪئي، ائين انهن ملازمن جي پگهارن جو مسئلو حل ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.