نه رڳو عورتون پر مرد به جنسي طور هراسان ٿيندا آهن: يشما گل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي وي ڊرامن اداڪارا يشما گل چيو آهي ته نه رڳو عورتون پر مرد به جنسي هراساني ۽ تشدد جو شڪار ٿيندا آهن.

انسٽاگرام اسٽوري ۾ اداڪارا يشما گل چيو ته جنسي هراساني صنف جي پابند ناهي، مرد به جنسي تشدد جو شڪار ٿيندا آهن، توڙي جو تشدد مرد جو وڏو انگ ملوث هجي ٿو پر اهي به تشدد جو نشانو بڻجن ٿا.

سندس چوڻ هو ته اڪثر مردن کي نه رڳو پريشان ڪيو ويندو آهي پر جنسي طور هراسان به ڪيو ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.