آسٽريلوي ڪرڪيٽر پيٽ ڪمنز ڀارتين جي مدد لاءِ ميدان ۾ اچي ويو

 

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز ڀارت ۾ ڪورونا مريضن لاءِ آڪسيجن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ 50 هزار ڊالرن جي رقم عطيو ڪري ڇڏي.

ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ پيٽ ڪمنز چيو ته هن ڏُک جي گهڙي ۾ ڀارت ۽ ڀارتي عوام سان دلي همدردي آهي، اهڙي صورتحال ۾ انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو، مان 50 هزار ڊالرن جي رقم آڪسيجن سپلاءِ پوري ڪرڻ لاءِ پرائم منسٽر فنڊ ۾ عطيو ڪئي آهي.

هن ٻين رانديگرن کي هن ڏکئي وقت ۾ ڀارت جي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.