ترڪيءَ ۾ به ڪورونا زور وٺي ويو، مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان

 

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪي ۾ ڪورونا وائرس جي ٽين وبائي لهر کي ڏسندي ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي.

اهڙو اعلان ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان ڪيو، جنهن موجب خميس کان 17 مئي تائين عام شهري رڳو سخت ضرورت طور ئي گهرن مان نڪري سگهندا.

ٽيلي ويزن تي قوم کي پنهنجي تقرير ۾ رجب طيب اردگان چيو ته کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن جي دڪانن کانسواءِ سمورا واپاري شعبا بند رهندا.

واضح رهي ته 84 ملين آبادي واري ان ملڪ ۾ ڪالهه سومر ڏينهن 37 هزار کان وڌيڪ ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.