اسلام ڪوٽ ۾ ننڍڙن مصورن شاهڪار تصويرون ٺاهي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ورتو

 

اسلام ڪوٽ (رپورٽ: غازي بجير) اسلام ڪوٽ واسي ننڍي عمر جي ٻن شاگرد ڀائرن آرٽ ۾ ڪمال ڪندي سنڌ سميت ملڪ جي ناليوارين شخصتين جا پوٽريٽ ٺاهي ورتا.

اسلام ڪوٽ شهر جي ڌڙيلو پاڙي لڳ شو ڪالوني جي رهواسي ڀائر شاگردن تارا چند پرمار ۽ آنند ولد گيان چند ميگهواڙ قائد  اعظم محمد علي جناح، شهيد بينظير ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان، شاعر استاد بخاري، عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي، ڪرڪيٽر شاهد آفريدي سميت ملڪ جي ٻين اهم شخصيتن، سياستدانن، فنڪارن جون تصويرون ٺاهي ڀرپور داد وصول ڪيو آهي.

نوجوان شاگرد تارا چند پرمار جو چوڻ آهي ته اسان ڏينهن رات محنت ڪري مصوري ۽ مجسما سازي جو ڪم ڪريون ٿا، آئون هڪ ڪلاڪ ۾ هڪ تصوير ٺاهي وڃان ٿو، سنڌ حڪومت سهڪار ڪري آئون پنهنجي ملڪ جو نالو عالمي سطح تائين روشن ڪري سگهان ٿو، مون تازو رسول بخش پليجو جي تصوير ٺاهي آهي، ان کان اڳ قائداعظم محمد علي جناح، ڊاڪٽر عبدالقدير، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، ڪرڪيٽر شاهد آفريدي، بشير خان قريشي، استاد بخاري، ڪشنچند بيوس، دادا سنڌي، شيخ اياز، تاجل بيوس، حاجي احمد ملاح، صادق فقير، ميجر راجا عبدالعزيز ڀٽي،  عبدلستار ايڌي، سورهيه باشاھه سميت ٻين جون تصويرون ٺاهيون آهن.

آرٽسٽ ڀائرن پورهيت پيءُ جي گهر ۾ جنم ورتو، ذهين شاگرد طور پاڻ مڃايو

مُحنت ضايع ناهي ويندي، ٻنهي آرٽسٽ ڀائرن ٿرپارڪر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سيد غالب شاھه ۾ پورهيت پيءُ گيانچند جي گهر ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ، ڳوٺ وڪڙيو ۽ ڳوٺ تارياڻو مان حاصل ڪئي، ڳوٺ وڪڙيو ۽ تارياڻو چار چار ڪلوميٽر روزانو پنڌ ويندا هئا، ڪلاس نائين، ميٽرڪ ۽ فرسٽ ايئر اسلام ڪوٽ جي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري مان حاصل ڪئي ۽ هن وقت انٽر ۾ به ساڳي اسڪول ۾ پڙھن ٿا، شروعاتي تعليم سٺن مارڪن ۾ پاس ڪيائون، آنند ميٽرڪ ۾ اي ون گريڊ آيو، جڏھن ته ننڍي ڀاءُ تاراچند جو اي گريڊ آيو هو، فرسٽ ايئر ۾ ڪورونا جي ڪري پروموٽ ٿي ويا.

تارا چند ۽ آنند پرمار سخت پورهيو ڪري پڙهيا

تاراچند ۽ آنند پرمار ٻُڌايو ته شروعاتي تعليم ۾ اسان اسڪول کان واپسي ۾ دڪان تي به وقت ڏيندا هئاسين، پاڻي ڀرڻ، ڪاٺيون ڪرڻ روز جو معمول هيو، ٻني به ڪندا هئاسين،گاهه به ڪندا هئاسين، ٻڪريون به چاريون، مطلب ٿر ۾ رهي ماروئڙن واري زندگي گذاري، مزوري جي حوالي سان تغاري جون تاريخون به ڪيوسين، ڪڏھن ڏُک ڪڏھن سک زندگي جو حصو بڻيل رهيا، بابا هُن وقت دڪان سان گڏوگڏ رازپي جو ڪم به ڪندو هو، چار سال ٿيا آھن اسان ڳوٺ سيد غالب شاهه کي الوداع ڪري اچي نمن جي شهر اسلام ڪوٽ ۽ نيڻورام جي نگري وسائي، اهڙي طرح آھستي آھستي پيپر تي به ڊزائين ٺاهڻ جي شروعات ڪئي، سا به اڳتي وڌي وڻ ٿي، پوءِ اسڪيچ ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ ماڻھن کان انتهائي سٺي موٽ ملي، وچ ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون آيون پر همت نه هاري.

آرٽ جو قدر اٽي ۾ لوڻ برابر آھي: آرٽسٽ ڀائر

آنند پرمار موجب هتي آرٽ جو قدر اٽي ۾ لوڻ برابر آھي پر پوءِ به اڀرو سڀرو روزگار ڪرڻو پئي ٿو، پڙھائي به جاري آھي، موسيقي جي حوالي سان اسان جڏھن ننڍا هوندا هئاسين ته بابا سان گڏجي ڳوٺ ۾ ٿيندڙ ستسنگن ۾ ويندا هئاسين ۽ اُتي تنبوري ۽ دلي کي ٻڌي اها وڄائڻ جو به شوق جاڳيو، بابا پاڻ دلو وڄائيندو هو سو اسان بابا کان اها سکيا ورتي، بابا کان مون دلو وڄائڻ سکيو ۽ بعد ۾ ننڍي ڀاءُ تاراچند کي به سکايو، بابا ڀڄن ڳائيندو هو سو ڀڄن ڳائڻ جي سکيا به بابا کان ورتي، ائين پنهنجو باجو ۽ پنهنجو ساز دلو به ورتو، هن وقت سوين ستسنگن ۽ پروگرامن جون دعوتون ملن ٿيون،جتي وڃون ٿا سٺي موٽ ملي ٿي.

رسول بخش پليجي جي تصوير ٺاهڻ تي عوامي تحريڪ جي حوصلا افزائي

آرٽسٽ ڀائرن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪبير ڀيل سان پنهنجي دڪان تي ملاقات ٿي، جتي ڪجهه وقت آرٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪبير اسان کي اها مثبت صلاح ڏني ته توهان وڏن وڏن نالن ۽ مهان شخصيتن جا اسڪيچ ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکو ته جئين توهان جي اڳتي پروموٽ ٿئي ۽ آئون توهان کي ۽ توهان جي هن محنت کي صرف هن ڪمري تائين ئي محدود ڏسڻ نٿو چاهيان، سو اسان پياري ڪبير جي ڳالهه تي وزن ڏيندي استاد رسول بخش پليجي صاحب جي تصوير ٺاهي ڪبير کي ئي پيش ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.