”پيپلز پارٽي کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته صوبو وٺي رهنداسين“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ عامر خان چيو آهي ته عام چونڊن ۾ ڪراچي جا نتيجا چورايا ويا ۽ تحريڪ انصاف پنهنجا واعدا وفا نه ڪيا جيڪڏهن اسان 7 سيٽون هٽايون ته توهان جو نالو وٺڻ وارو ڪير ڪو نه هوندو.

ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي جي تڪ اين اي 249 جي ننڍي چونڊ کان اڳ ريلي ڪڍي جنهن جي قيادت سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان ڪئي.

ريلي ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار حافظ مرسلين سميت ماڻهن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو.

شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي خطاب ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان چيو ته اليڪشن اچڻي وڃڻ واري شئي آهي، پيپلز پارٽي کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته صوبو ته وٺي ئي رهنداسين، گذريل 12 سالن کان پيپلز پارٽي سنڌ تي حڪمراني ڪري رهي آهي پر صوبي کي ترقي ڏيڻ بدران کنڊر ٺاهيو ويو.

ان موقعي تي ڪراچي جي اڳوڻي ميئر وسيم اختر جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چونڊيل نمائندن بلديا ٽائون جي علائقن ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، گذريل اليڪشن ۾ 14 سيٽون ڪراچي مان چوري ڪيون ويون پر هاڻ اُهي سموريون سيٽون ايم ڪيو ايم پاڪستان واپس وٺندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.