سنڌ: شادي هالز، بزنس سينٽر ۽ بيوٽي پارلرز مڪمل بند، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو کاتي ڪورونا ايس او پيز بابت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو جيڪو 17 مئي تائين لاڳو هوندو.

سنڌ جي گهرو کاتي جي حڪم نامي موجب شام 6 وڳي کان صبح سحري تائين سمورو واپار بند رهندو ۽ واپار جو وقت صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين هوندو، سنڌ جي جيلن ۾ قيدين سان ملاقات تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته سمورا خانگي تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن.

نوٽيفڪيشن موجب ميرج هالز، بزنس سينٽرز، ايڪسپو هالز، مزارون، بيوٽي پالرز، ٿيم پارڪس، اميوزمنٽ پارڪ ۽ سينيمائون مڪمل بند رهنديون جڏهن ته جمعي ۽ آچر تي صوبي ۾ سمورو واپار ۽ شاپنگ سينٽر بند رهندا.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي سرڪاري آفيسن ۾ 20 سيڪڙو عملو صبح 9 کان 2 وڳي تائين ڊيوٽي تي موجود هوندو، وفاقي حڪومت ۽ خانگي ادارا 50 سيڪڙو عملو گهرائڻ جا پابند هوندا.

نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي انٽر سٽي تي 30 اپريل کان پابندي هوندي جڏهن ته انٽر سٽي ٽرانسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو مسافر سوار ڪرڻا پوندا ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو.

نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي اسپتالن ۾ ايڪٽو سرجري تي پابندي هوندي، تراويحون جا اجتماع ۽ يوم علي جا جلوس قومي اتفاق راءِ جي بنياد تي ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.