سنڌ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ تعليمي سرگرميون معطل

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن جي ڪري يونيورسٽين ۾ فزيڪل تعليمي سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن.

سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ فزيڪل تعليمي سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن جڏهن ته فزيڪل ايجوڪيشن 26 اپريل کان 17 مئي تائين معطل رهندي.

ترجمان موجب سمورن شعبن جون آن لائن ڪلاسون جاري رهنديون جڏهن ته هڪ مهيني کان پوءِ ڪورونا جي صورتحال کي ڏسندي ڪلاسون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ به فزيڪل تعليمي سرگرميون روڪيون ويون آهن.

نوٽيفڪيشن موجب 26 اپريل کان 20 مئي تان يونيورسٽين ۽ ان جي ڀرپاسي وارا ڪاليج بند رهندا، سمورا پرچا معطل ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.