”سنڌ ۾ ڪورونا سبب 21 کان 40 سالن جي عمر جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت کاتي موجب سنڌ ۾ ڪورنوا سبب 21 کان 40 سال تائين جي عمر جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن.

سنڌ جي صحت کاتي موجب صوبي ۾ 21 کان 30 سالن جا  62 هزار 197 مرد ۽ عورتون مبتلا ٿيون آهن جڏهن ته 31 کان 40 سالن تائين جا 60 هزار 927 ڄڻا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا.

صحت کاتي موجب اپريل ۾ 31 کان 40 سالن جي وچ ۾ ڪورونا ڪيس 22.2 سيڪڙو آهن، اپريل جي 19.7 سيڪڙو متاثر ماڻهن جون عمرون 21 کان 30 سالن جي وچ ۾ آهن.

صحت کاتي جو ٻڌائڻ آهي ته 60 سيڪڙو کان وڌيڪ متاثرن جو تعلق ڪراچي جي مختلف ضلعن سان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.