سنڌ پوليس جي باوردي آفيسر جو سي پي آفيس آڏو آپگهات

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس جي هڪ باوردي آفيسر کاتي جي مسئلن کان تنگ اچي ڪراچي ۾ سينٽرل پوليس آفس (سي پي او) جي آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.

ايس ايس پي سٽي ڪراچي سرفراز نواز موجب 45 سالن جي سب انسپڪٽر مظفر چانڊيو سنڌ پوليس جي ٽيلي ڪميونيڪيشن واري کاتي ۾ مقرر آهي جيڪو سنڌ جي ميرپور خاص ضلعي سان تعلق رکي ٿو.

ايس ايس پي موجب مظفر چانڊيو سومر جي ڏينهن (اڄ) منجهد آءِ آءِ چندريگر روڊ تي موجود سينٽرل پوليس آفيس پهتو جنهن پنهنجي ڪنهن مسئلي جي سلسلي ۾ لاڳاپيل آفيسر سان ملڻ پئي چاهيو پر ان کان اڳ ئي هن پنهنجي سان گڏ آندل پيٽرول مٿان هاري باهه ڏئي ڇڏي.

سي پي او جي اچ وڃ وارن دروازن تي موجود پوليس اهلڪارن ۽ واٽهڙن هن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان وقت تائين هو ڪافي سڙي چڪو هو، بعد ۾ ايڌي فائونڊيشن جي عملي هن کي سول اسپتال جي برنس سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو.

ايس ايس پي سٽي موجب پوليس سب انسپڪٽر مظهر چانڊيو اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري شعبي ۾ داخل آهي جتي سندس سر بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.