ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽر گهرواري سوڌو اسلام جي دائري ۾ داخل

 

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽر بيجون فورٽن گهرواري سميت اسلام قبول ڪري ورتو.

پرڏيهي ميڊيا موجب بيجورن فوٽن گذريل رات پنهنجي گهرواري سان گڏ اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجو نالو عماد رکيو آهي.

ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽر تبريز شمسي ۽ سندس گهرواري انسٽاگرام اسٽوري تي بيجورن فورٽن ۽ ان جي گهرواري جي تصوير جاري ڪندي کين اسلام قبولڻ تي مبارڪ ڏني، جنهن کي پوءِ بيجورن ۽ سندس گهرواري مشڪي ايسن به شيئر ڪيو.

واضح رهي ته 26 ورهين جي بيجورن سيپٽمبر 2019 ۾ ڏکڻ آفريقا طرفان انٽرنيشنل ڊيبيو ڪو هو ۽ هو ٻيو ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽر آهي، جنهن اسلام قبول ڪيو آهي، ان کان اڳ فاسٽ بالر وين پارنيل به 2011 ۾ اسلام قبول ڪري چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.