بابر اعظم تيز ترين 2 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم تيز ترين 2 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسون مڪمل ڪندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي.

بابر اعظم زمبابوي خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران شاندار ففٽي اسڪور ڪري اهڙو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو ۽ اهڙو اعلان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان به ڪيو ويو.

بابر اعظم ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي کان تيز ترين 2 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسن جو اعزاز کسيو آهي، جنهن 56 اننگز ۾ 2 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون، جڏهن ته بابر اعظم رڳو 52 اننگز ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.