شعيب ملڪ جو ٽيم مئنيجمينٽ تي پسند ۽ ناپسند جو الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي هٿان پاڪستان کي شڪست تي ٽيم مئنجمينٽ تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شعيب ملڪ چيو ته تجربو نه رکندڙ فيصلي سازن کي صبر کان ڪم وٺندي ويهي سوچڻ جي ضرورت آهي، بابر اعظم ۽ چيف سليڪٽر ئي اهو فيصلو ڪري ٿا سگهن، ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر کي اڳتي وڌي فيصلا ڪرڻا پوندا.

هن چيو ته منهنجي خيال ۾ پاڪستان کي هڪ انٽرنيشنل وائٽ بال ڪوچ جي ضرورت آهي، جيڪو ڪرڪيٽ کي ڀرپور طريقي سان سمجهندو هجي ۽ ڪپتان کي تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ رانديگرن کي ايندڙ دور بابت ٻڌائي سگهي.

شعيب ملڪ ٽيم مئنيجمينٽ تي پسند ۽ ناپسند جو الزام هڻندي چيو ته پسند ۽ ناپسند تي ڀاڙيندڙ ٽيم مئنيجمينٽ مان توهان ڪهڙي اميد رکي ٿا سگهو، جڏهن ته ڪپتان کي پاڻ فيصلا ڪرڻ نه ڏنا ويندا ته پوءِ اهڙا ئي نتيجا سامهون ايندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.