غوثپور:اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 12 ماڻهو سخت زخمي

غوثپور ٿاڻي جي حد  ڳڙھي لاڙو واري علائقي اوڳاھي ۾ زمين جي دنگ تان اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين نيڪ محمد ۽ ڪريم ڏنو وارن ۾ جھيڙو ٿي پيو۔ جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان ڪھاڙين ۽ لٺين سان حملو ڪري ڏنو جنھن جي نتيجي ۾ 12 ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا جن ۾ 5 عورتون به شامل آھن۔ زخمين ۾ ڪريم بخش۔ ھدايت الله۔ صحبت، سانوڻ ، حفيظ الله اوڳاھي، وزير، بگڙو۔ مائي مرادان۔ مائي شهزادي جادل ۽ مسمات صفوران اوڳاھي شامل آھن۔ اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمي مرد ۽ عورتن کي کڻائي شھر جي سرڪاري اسپتال ۾ آندو ، زخمين مان هڪ ڄڻي ڪريم بخش  جي حالت نازڪ ھجڻ سبب کيس لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو۔ حد جي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي پوليس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.