فضل الرحمان جو شهباز شريف سان رابطو، آزادي جون مبارڪون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ن ليگ صدر شهباز شريف کي آزادي تي واڌايون پيش ڪيون آهن.

جمعيت علماءِ اسلام سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن دوران هن آزادي تي کيس مبارڪ ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ پي ڊي ايم جي ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته فضل الرحمان پي ڊي ايم جو اجلاس گهرائڻ جي حوالي سان شهباز شريف کي اعتماد ۾ ورتو.

ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ ڪورونا وبا ۾ شدت، آڪسيجن جي کوٽ ۽ فوتگين جي شرح ۾ واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار پڻ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.