سلمان خان جي فلم ”راڌي“ جو ٽريلر جاري

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي فلم ”راڌي“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.

فلم ۾ سلمان خان ڊرگ مافيا سان وڙهندي نظر ايندو، جڏهن ته رنديپ هودا ولن جو ڪردار نڀائي رهيو آهي.

راڌي ۾ ديشا پٽاني مک هيروئن جي ڪردار ۾ نظر ايندي، جڏهن ته ناليواري اداڪار جيڪي شروف جو به اهم ڪردار شامل آهي.

سلمان خان جي اها فلم گذريل سال عيد جي رليز ٿيڻي هئي پر ڪورونا جي ڪري ائين نه ٿي سگهيو ۽ هاڻ اها فلم عيد الفطر جي موقعي تي 13 مئي تي رليز ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.