اسلام ڪوٽ:غريب ۽ مستحق عورتن پاران اومني مالڪن خلاف احتجاج

ٿر بلاڪ ٽو ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني پاران ٿر ملين ٽري پراجيڪٽ تحت 10 لک وڻ لڳائڻ واري هدف جي پويئواري ڪندي 9 لک 10 هزار ٻوٽا لڳايا ويا،ڌرتي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي علمدارن پاران ٻوٽا لڳائي ڌرتي سان محبت جو وچن ورجايو ويو،تقريب کي خطاب ڪندي ڪمپني جي جنرل مينيجر سائيٽ آپريشن ضياءُ حيدر چيو ته ماحولياتي تبديلين جي تناظر ۾ وڌ ۾ وڌ وڻ لڳائي ملڪ ۾ ماحولياتي گدلاڻ کي وڏي حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو، مينيجر هيلٿ سيفٽي انوائرونمينٽ وقاص عبدالعزيز ٻڌايو ته ٿر ملين ٽري پراجيڪٽ تحت 10 لک وڻ لڳائڻ واري هدف جي پوئيواري ڪندي هن مهل تائين 9 لک 10 هزار وڻ لڳايا ويا آهن ۽ اميد آهي ته هلندڙ سال 10 لک وڻ لڳائي ٿر ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي ويندي، ٿرفائونڊيشن جي مينيجر سي ايس آر محسن ٻٻر چيو ته ٿر ملين ٽري پراجيڪٽ ۽ انصاري گرين پارڪ جي ڪاميابي سميت کاري پاڻي ذريعي زراعت وارن رٿائن کي نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، ان موقعي تي محمد عامر، تيجويرسنگهه،نمرہ حسين،حافظ شڪيل اڄڻ،تاشين مجيد،اعجاز خان،نجيب شاھ،آصف درس،عرفان جوڻيجو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.