”ٻن سالن کان ڪنڌ تي تلوار لڙڪي رهي آهي، حڪومت برطرفي چاهي ٿي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ٻن سالن کان منهنجي ڪنڌ تي تلوار لڙڪي رهي آهي ۽ حڪومت چاهي ٿي ته بس ڪنهن طريقي سان مون کي برطرف ڪيو وڃي.

جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صدارتي ريفرنس نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏنا ته 22 جون 2020 تي قانون واري وزير فروغ نسيم منهنجي گهرواري بابت عدالت ۾ هڪ ڳالهه ڪئي ته هندو مذهب ۾ مڙس جي مري وڃڻ کانپوءِ گهرواري ستي ٿي ويندي آهي ۽ عورت جي سڃاڻپ مڙس سان هوندي آهي، قانون واري وزير سڀني عورتن جي توهين ڪئي آهي، عدالت ۾ ڳالهايل ڪوڙ سامهون آڻڻ چاهيان ٿو، منهنجي خلاف ڪيس کي دير جو شڪار ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪيس ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته توهان جيڪي الزام هڻي رهيا آهيو، اسان کي انهن کي ڏسڻو آهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اهو الزام ناهي پر عدالتي رڪارڊ جو حصو آهي، منهنجي درخواست آهي ته مون کي پنهنجا دليل مڪمل ڪرڻ ڏيو، مان پنهنجي طريقي سان دليل ڏيندس، سوال پڇڻا آهن ته ٻڌڻي 9:30 وڳي رکندا ڪيو.

جسٽس عمر عطا بنديال کيس تنبيهه ڪئي ته پنهنجو آواز هيٺ رکو، هيءَ عدالت آهي، جنهن تي جسٽس قاضِ فائز عيسيٰ چيو ته ٻن سالن کان منهنجي ڪنڌ تي تلوار لڙڪي رهي آهي، جذباتي ٿيڻ تي معذرت ڪيان ٿو.

جسٽس قاضي فائز جي گهرواري سرينا عيسيٰ دليلن ۾ چيو ته لنڊن ملڪيتن جي رڪارڊ ۾ جسٽس فائز عيسيٰ جو نالو ناهي، انهن ملڪيتن لاءِ فنڊن جي منتقلي ۾ به منهنجي مڙس جو ڪردار ناهي، ڪيس ۾ ڌر نه هئاسين پوءِ به منهنجي ۽ ٻارن خلاف فيصلو ڏنو ويو، لنڊن ملڪيتن جو رڪارڊ به سپريم ڪورٽ کي فراهم ڪيو هو، ايف بي آر پنهنجي حڪم نامي ۾ منهنجي پگهار ۽ ملندڙ ڪراين کي شامل نه ڪيو، ڪراچي جي وڪرو ڪيل ايراضي جو پئسو به آمدني ۾ شامل نه ڪيو.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ منهن نٿو ڏيڻ گهرجي، سرينا عيسيٰ جو نالو سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ جاري انڪوائري ۾ سامهون آيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل پٺ پويان ڪارروائي ڪئي، ڪائونسل جي رويي کانپوءِ ريفرنس کي چئلينج ڪيو، ايف بي آر رپورٽ کي راز بڻائي رکيو ويو آهي، حڪومت چئي ٿي ته بس ڪنهن طريقي سان مون کي برطرف ڪيو وڃي.

ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سيڪريٽري سپريم جڊيشل ڪائونسل ايف بي آر رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي چيو ته رپورٽ جي ڪاپي ڪرائي توهان کي به ڏئي ڇڏينداسين.

عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.